سنڌ صدين کان 2

سنڌ صدين کان 2

سنڌ صدين کان 2

سنڌ صدين کان 2 (ڪتاب):حڪومت سنڌ پاران 1975ع ۾ سنڌ تي هڪ بين الاقوامي سيمينار ڪرايو ويو، ان موقعي تي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن ۽ محققن جيڪي مقالا پڙهيا هئا، تن مان 32 مقالن جي سنڌي ترجمي تي مشتمل هن ڪتاب ۾ قديم کان جديد دؤر جي سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، ادب، ثقافت، موسيقي، اسلام، علم الانسان ۽ آرڪائيوز (Archives) توڙي تصوف تي مقالا شامل آهن. هن ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن ڊاڪٽر حميده کهڙو مرتب ڪيو هو، جيڪو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس Sindh Through the Centuries نالي سان 1981ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. جڏهن ته ان مواد جو مختلف اديبن کان سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرائي ممتاز مرزا جي ترتيب سان هي سنڌي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران 1982ع ۾ شايع ڪيو ويو. هي ڪتاب ممتاز تاريخدان پير حسام الدين راشدي صاحب جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو